SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


DANIDA Danish International Development Assistance

(click word to listen sound
  • 🔊
  • danida
  • deiniʃ
  • international
  • diveləpmənt
  • əsistəns
  • )

From the Dictionary of International Relations:

DANIDA Danish International Development Assistance

ڊينش انٽرنيشنل ڊولپمينٽ اسسٽنس

ڊينمارڪ جو بين الاقوامي ترقياتي سهڪار

هن ايجنسيءَ جو ڪم غربت کي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ ذريعي ختم ڪرڻ آهي . تازو ئي انهيءَ اداري جيڪا پاليسي اختيار ڪئي آهي، انهيءَ موجب امداد جي معيار کي وڌائي 20 کان 25 ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ”گهڻ- مُدتي“ پروگرام تيار ڪري ، کين قرض بدران امداد ڏيڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو، ۽ ترقيءَ ۾ عورت جي ڪردار کي سگهارو ڪرڻ ، انساني حقن ۽ ضروري قدرن جي حفاظت ڪرڻ کي ترجيح ملي . تقريبن اڌ ڊينيش امداد غريب ملڪن جي پوئتي پيل طبقن وٽ پهچي ٿي . جڏهن ته اڌ ٻي امداد ٻه- طرفي مدد ذريعي گڏيل قومن طرفان ٻڌايل گهٽ ترقي يافته ملڪن وٽ سهائتا طور پهچي ٿي. باقي بچيل امداد گڏيل قومن جي ذريعي گهڻ- طرفي سهائتا هيٺ مقامي ترقياتي بئنڪن ، يورپي برادريءَ ذريعي انساني مدد ۽ سهائتا لاءِ ڏني وڃي ٿي. مئي 1991ع ۾ ”ڊينش ايڊ ايدمنسٽريشن“ جي نئين سر جوڙ جڪ ٿيڻ کان پوءِ DANIDA کي تنظيم طور ختم ڪيو ويو، پر انهيءَ کي ترقي يافته ملڪن جي سرڪارن سان سرڪاري سطح تي سهڪار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڊينمارڪ جي پرڏيهي معاملن جي وزارت ۾ انهيءَ جي نئين سر تنظيم سازي ڪري ، ”سائوٿ گروپ“ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو ترقيءَ ۽ امداد جي فراهميءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي . انهيءَ گروپ جو مرڪز پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ ڊينمارڪ جي راڄڌاني ڪوپن هيگن ۾ برپا ڪيل آهي


Remember Me Also:

رهيجي

اسم خاص. تعلقي ٽنڊي باگي ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal